پريس رليز

خيرپور

پريس رليز

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي عهديدارن پاران مطالبن جي سلسلي ۾ هڙتال کي غير مناسب رويو قرار ڏنو آهي. ترجمان ڄاڻايو آهي ته وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي ھدايت تحت ڊيپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي ۾ 104 مختلف گريڊز ۾ ملازمن کي ترقي ڏني وئي آهي جڏهن ته ايڇ آر رويو ڪاميٽي جو اجلاس گھرائي ملازمن جي مختلف پوسٽن کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي. ترجمان ڄاڻايو آهي ته ريٽارئرڊ ملازمن جي اولاد جي ڪوٽا تحت نوڪري ۾ رکڻ لاء اسم سينڊيڪيٽ جي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ رکيو ويو آهي ان کان علاوه ھر ملازم کي ڇھ مھينا ريٽائرمنٽ کان اڳ ۾ ھڪ گريڊ ۾ ترقي ڏني ويندي. تازو 16 ملازمن جي ميڊيڪل جي بلن جي ادائگي جا ڪيس ميڊيڪل ايڊوائزري ڪاميٽي مان منظور ڪرايا ويا آهن. ان کان علاوه ڪلارڪن کي ڪمپيوٽر آپريٽر طور ترقي ڏيڻ لاءِ ھڪ ٽيسٽ ڪاميٽي پڻ تشڪيل ڏني وئي آهي. ملازمن جي ٽيڪنيڪل پاليسي تحت ترقي جا ڪيس ايندڙ سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ اسم طور رکيا ويا آهن. سينئر بس ڪنڊڪٽر/ڪلينرز کي سندن فني ڄاڻ جي بنياد تي ڊرائيورز طور ترقي ڏيڻ لاءِ منظوري ڏني وئي آهي. ترجمان واضح ڪيو آهي ته ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري جي وائيس چانسلر سان ملاقات ٿي هئي جنھن ۾ ايڇ آر رويو ڪاميٽي جي ڪنوينر پڻ موجود ھئي ۽ انھن مذڪورہ حل ٿيل مسئلن جي روشنيءَ ۾ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري وائيس چانسلر کي خاطري ڪرائي هئي ته ايسوسيئيشن ھڙتال نه ڪندي پر ھنن ان عمل جي خاطري بعد خلاف ورزي ڪئي آهي جيڪو پڻ غير معقول، نامناسب ۽ ناجائز رويي جي عڪاسي ڪري ٿو. ترجمان ايسوسيئيشن جي عهديدارن کي گذارش ڪئي آھي ته ھو مقدس تدريسي اداري ۽ انتظاميه جو ساٿ ڏين ته جيئن ھي ادارو پنھنجي اعلي درجي تي علم جي روشني ڦهلائي. ياد رهي ته 19 مھينن کان جڏھن موجوده وائيس چانسلر يونيورسٽي جو انتظامي منصب سنڀاليو آھي ته سڀني استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي پگهار، پينشن ۽ ان کان علاوه ليو انڪيشمنٽ جي ادائيگي پڻ وقت سر ٿي آھي ۽ محدود مالي وسيلن ۽ مالي شفافيت سبب ڪافي بلن جي ادائگي ٿي چڪي آهي. ھوڏانھن ترجمان ڄاڻايو آهي ته آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن يونيورسٽي جي انتظاميه پاران تشڪيل ڏنل ڪاميٽي سان ڪامياب ڳالهين ۽ جائز مسئلن جي حل بعد ھڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ترجمان
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
تاريخ:19-05-2022